پِرھَ ڦُٽِي بابت
معنيٰ
باک ڦٽِي، پرڀات، صبح صادق، ڍَڪِي، فجر.
Day break, dawn.

بيتن ۽ وائين ۾
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، جِهيڻا ٿِئا نَکَٽَ، ھارِي وييَئِي وَٽَ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، اُڀَرِئو تارو، پُنهون پاڳارو، ڄاپَندي ڄامُ ٿِئو.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- لاکو لوءِ بَہ لوءِ، وِڙِھي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، ڪَرڳَلُ مَٿي ڪَڇَڙي، پِرھَ ڦُٽِيءَ پوءِ، ھَئَي تَنِ کي ھوءِ، جَنِ اَڻَ…[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]